تفسير ڪريمي

تفسير ڪريمي: هيءُ تفسير مخدوم عبدالڪريم نقشبندي کاهي راهو ضلعي نوشهرو فيروز واري جو تصنيف ڪيل آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي قلمي نسخن ۾ ڪاتب محمد حسين سومري جو ڪتابت ڪيل هڪ مجموعو موجود آهي، جنهن ۾ سورة ”يــٰسين“ ۽ سورة ”الـدهر“ جو تفسير به شامل آهي. جيئن ته انهن ٻنهي ذڪر ڪيل سورتن جي مفسر مخدوم عبدالڪريم پنهنجو نالو واضع طور تي ڄاڻايو آهي، ان ڪري پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ انهن سورتن جي تفسير کي ”تفسير ڪريمي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. سنڌالاجيءَ ۾ موجود انهيءَ مخطوطي کان سواءِ انهيءَ تفسير جو هڪ ٻيو قلمي نسخو ”الڪبير اڪيڊمي“ ڪوٽڙي ڪبير ضلعي نوشهري فيروز جي ڪتبخاني ۾ پڻ موجود آهي؛ ليڪن ان ۾ صرف سورة ”يٰسين“ جو تفسير آهي. 1990ع ۾ اڪيڊميءَ جي سرپرست مخدوم غوث محمد پيرزادي گوهر سورة يٰسين جي تفسير کي موجود صورتخطيءَ ۾ ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو آهي. بهتر ٿئي ها ته ”سورة الدهر“ جي تفسير کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي ها .


هن صفحي کي شيئر ڪريو